چپڙيون/ چَپڙون

چپڙيون/ چَپڙون

چپڙيون/ چَپڙون

چپڙيون/ چَپڙون: چپڙيون سنڌ جو نج ثقافتي ساز آهي، جن کي ’کڙتالون‘ به چوندا آهن. چپڙيون ضرب ۽ تار جي ادائگيءَ جو سادي ۾ سادو ساز آهن. چپڙين کي سنڌ جي وڄتن اوائلي اسلامي دؤر ۾ عراق ۽ شام تائين پهچايو ۽ اهو سادو سولو ساز اتي به ايترو ته مقبول ٿيو، جو عرب موسيقيءَ بابت آڳاٽن لکندڙن وڄائيندڙن جون شبيهون پڻ پنهنجي تصنفين ۾ يادگار طور ڇڏيون آهن. عرب ايراني موسيقيءَ ۾ چپڙين جي ساز جو رواج سنڌي موسيقارن ذريعي پيو. هيءُ ساز سنڌ کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به استعمال ٿيندو آهي. يورپي موسيقيءَ ۾ هن اوزار جي ارتقا قديم يونان کان ملي ٿي. جتي هيءُ ساز کڙتال طور استعمال ٿيندو هو. اسپين ۾ هيءُ ساز حبشي استعمال ڪندا هئا. اسپين واري کڙتال ڪاٺ ۽ عاج مان ٺاهي ويندي آهي، جيڪا ٻن حصن ۾ ٻاهران کان سوراخ ٿيل/ کوکلي هوندي آهي ۽ موسيقيءَ جي سٽاءَ مطابق هڪ هٿ ۾ جھلي وڄائبي آهي. سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ کڙتال پهرين چيڪي مٽيءَ کي پچائي ٺاهي وئي ۽ پوءِ ڪاٺ مان ٺاهي وئي. ڳائيندڙ هڪ هٿ سان کڙتال وڄائيندو آهي ۽ ٻئي هٿ سان يڪتارو وڄائيندو آهي. اسپين ۾ هي ساز ٻنهي هٿن سان وڄايو ويندو آهي. سنڌ ۾ جلال چانڊيي ۽ ٻين فنڪارن هن ساز کي مشهوريءَ جي بلندين تائين پهچايو


هن صفحي کي شيئر ڪريو